ڪائنات ٿيٻو

ڪائنات ٿيٻو

ڪائنات ٿيٻو

ڪائنات ٿيٻو: مشھور فلمساز، ڊائريڪٽر، پروڊيوسر، فلم ايڊيٽر ۽ فوٽوگرافر ڪائنات ٿيٻو جو جنم 22 اپريل 1993ع تي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. 2016ع ۾ هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور مان گريجوئيشن ۽ 2022ع ۾ بيڪن هائوس نئشنل يونيورسٽي لاهور مان فلمسازي ۽ TV پراڊڪشن جي شعبن ۾MS جون ڊگريون حاصل ڪيون. 2016ع ۾ لوڪ ورثا اسلام آباد ۾ وڊيو پروڊيوسر طور ڪم ڪندي هن ڪيتريون ئي ثقافتي دستاويزي فلمون تيار ڪيون. ان کان علاوه ساڳئي سال هن PTV ورلڊ تي به وڊيو پروڊيوسر طور “Folk Beats” پروگرام جون ڪيتريون ئي قسطون پيش ڪيون. 2017ع ۾ پاڪستان نئشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ڪم ڪرڻ دؤران هن فلمسازي ۽ فوٽوگرافي جا بنيادي تصور پيش ڪيا ۽ ڪيتريون ئي افسانوي غير افسانوي فلمون تيار ڪيون. 2018ع کان 2023ع تائين انسٽيٽيوٽ آف آرٽ ائنڊ ڪلچر (IAC) جي ذيلي اداري، ‘اسڪول آف ڊجيٽل ائنڊ سينيماٽڪ آرٽ لاهور’ ۾ پھرين اسسٽنٽ پروفيسر ۽ پوءِ ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪيو. سيڊس آف پيس (Seeds of Peace)، آمريڪي قونصليٽ، آرٽس ڪائونسل انگلنڊ ۽ شرمين عبيد چنائي (SOC) جھڙن ادارن جي مالي سھائتا سان، هن ڪيترن ئي ڏيھي ۽ پرڏيھي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس فن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي، کيس ڪيترائي اوارڊ مليا. سندس ڪم کي هن وقت تائين آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، دبئي، فرانس، جرمني، نيپال، ڪروشيا، هندستان، بنگلاديش ۽ تائيوان ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن پنھنجي فوٽوگرافيءَ جي، مختلف گئلرين ۾ نمائش پڻ ڪئي آهي. ان کان علاوه ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر فلمسازي ۽ فوٽوگرافي بابت ڪيترائي ورڪشاپ ڪرائي چُڪي آهي. سندس مشھور مختصر فلمن ۾: ’او پرين‘ (2016ع)، ’ماسٽر سليم‘ (2020ع، ڊاڪيومينٽري، OIC اوارڊ يافته)، ’وائرل‘ (2021ع، هندستاني فلمسازن سان گڏ) ۽ ٻيون مشھور آهن.


لفظ ڪائنات ٿيٻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.04.22  عيسوي

مشھور فلمساز، ڊائريڪٽر، پروڊيوسر، فلم ايڊيٽر ۽ فوٽوگرافر ڪائنات ٿيٻو جو جنم 22 اپريل 1993ع تي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش بابو سنڌي
آتم تلريجا
حسني قادري حاجي شاهه جيلاني
چٺا حامد ناصر
پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
چنا محمد عالم
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
حڪيم محمد سعيد
جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان
شوڪت سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون